ٻيلاين جا ٻول

ٻيلاين جا ٻول

ٻيلاين جا ٻول

ٻيلاين جا ٻول (ڪتاب ):ھيءُ ڪتاب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو لکيل آھي. ڊيمي سائيز واري ھن ڪتاب جو جلد پڪو آھي، جنھن ۾ 516 صفحا آھن ۽ ان جي قيمت 9 رپيا ۽ اڇي پني سان 12 رپيا، ڇاپو پھريون مئي 1951ع ۾ ڇپيو ۽ ان ڪتاب جو ٻيو ڇاپو مئي 1970ع ۾ زيب ادبي مرڪز رسالا روڊ حيدرآباد مان ڇپجي پڌرو ٿيو. ھن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب 19 سالن جي محنت سان سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن جي سگھڙن سان ڪچھرين ۽ مرحوم شيخ غلام حسين، منشي صالح محمد بري، پير صاحب سجاده نشين درگاهه ميرنا پير (ڪراچي) ۽ وڏيري ميان علي مراد بري کي مليل قلمي ذخيرن ۽ مواد کي سموھي، سھيڙي ڪتابي صورت ۾ پيش ڪيو آھي. ھن ڪتاب ۾ لس ٻيلي جي عام سنڌي شاعريءَ، اتي جي قومن ۽ قبيلن ۽ سنڌي ٻوليءَ، ٻيلي جي شاعريءَ خاص ڪري ڪبير شاھه، شيخ ابراھيم، سيد احمد شاهه شاعر ’نم‘ ۽ ٻين لس ٻيلي جي شاعرن جي شاعريءَ جو تفصيلي ذڪر موجود آھي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو